مظفر آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ قانونساز ا??يم??لي ميمبر چوڌري قاسم مجيد پاران آجياڻو ڏنو ويو. آجياڻي ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، اڳوڻي ??زيراعظم راجا فاروق حيدر خان، پيپلزپارٽي آزا?? ڪشمير جي صدر چوڌري ياسين، (ن) ليگ جي صدر شاهه غلام قادر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، سينيئر موسٽ وزير ڪرنل (ر) وقار احمد ن??ر، وزير حڪومت فيصل ممتاز راٺ??ر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قانونساز ا??يم??لي ميمبرن کانسواءِ مسلم ليگ (ن) ۽ فارورڊ بلاڪ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. آزا?? ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سميت قانونساز ا??يم??لي ??ي ميمبرن والاريل واديءَ ۾ جي – 20 اجلاس تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان مڪمل اتفاق ڪيو.