اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪ يورپي يونين ڪائونٽر ٽيررازم ڊائيلاگ 27 اپريل تي برسلز ۾ منعقد ٿيو. ڊائيلاگ 2019ع جي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جي فريم ورڪ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي وسيع تر مشغوليت جي حصي طور دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪي??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي پرزور مذمت ڪئي ۽ پرتشدد انتهاپسندي، آف لائين ۽ آن لائين بنياد پرستي ۽ دهشتگردي جي مالي مد?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي وڌائي دهشتگردي جو گڏيل مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. هن گهڻ رخي فورم جهڙوڪ گڏيل قومن ۽ گلوبل ڪائونٽر ٽيررازم فورم ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون ت?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊائيلاگ افغانستان جي صورتحال جي وسيع تر سلامتي جي خطرن سميت علائقائي ۽ عالمي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪي??. اجلاس دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مد?? جا ٺوس طريقا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪي??. لاڳاپيل وفدن جي قيادت يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس ۾ ڪامن سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس پاليسي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر بينيڊڪٽا وون سيهر ٿوس ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ دهشتگردي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالحميد ڪئي.