اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ??الهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر 8 اپريل تي ??کڻ وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندڙ نائيڪ فضل جانان جي وارثن سان رابطو ڪيو. هن 8 اپريل تي خيبر باڙه ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ نذيرالله محسود ۽ ??ائ?? صوبيدار حضرت گل جي پونئيرن سان پڻ فون تي افسوس جو اظه??ر ڪيو. صدر 5 اپريل تي ??کڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي حامد رسول جي ڀاءُ سان پڻ فون تي ??الهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي دهشتگردن جي خلاف ج??گ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.