اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جهڙي طرح جو کلواڙ ڪيو پيو وڃي اهڙو ڀيانڪ منظر اڳ ۾ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ناهي آيو، سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي طرح ڪيس جي ڪارروائي هلي سڀني جي سامهون آهي، سموريون حالتون ۽ واقعا سامهون اچي چڪا آهن، حڪومت ۾ شامل ا??حا??ي پارٽيون مشاورت سان اجتماعي سوچ جي عڪاسي ڪندي ٺوس ف??صل?? ڪنديون ۽ آئين ۽ قانون سان سنگين مذاق تي پنهنجو موقف قوم آڏو رکنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي ا??حا??ي پارٽين جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم اجلاس ۾ موجود ۽ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ سمورن اڳواڻن کي ڀليڪار چيو. اجلاس ۾ اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، سردار اختر مينگل وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ جي مصروفيتن جي باوجود اجلاس ۾ اڳواڻن جي شرڪت تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هاڻي صحتياب آهي. هن سردار اختر مينگل جي گهرواريءَ جي صحت لاءِ پڻ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته گذريل هفتي به ا??حا??ي پارٽين جي اڳواڻن جي هڪ جامع ويهڪ ٿي هئي ۽ وڪيلن سان مشاورت به ٿي هئي، ڪابينا جا ٻه اجلاس پڻ ان دوران ٿيا. ان سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس به ٿيا جنهن ۾ مقررين شاندار ڳ??له?? ٻولهه ڪئي ۽ هر رخ تي ڳ??له?? ڪئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي طريقي سان ڪيس جي ڪارروائي هلي اهو اسان سڀني جي سامهون آهي، ڪهڙي طرح چار ٽي جي فيصلي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ڪهڙي طرح ريڪيوز ٿيندڙ ججز ٻيهر بئنچ ۾ ويٺا ۽ ڪهڙي طرح جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ جي فيصلي کي اڳ ۾ سرڪلر جي ذريعي ختم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڪ??له?? هڪ ڇهه رڪني بئنچ ويٺي، اهي سڀ ڳ??له??ون قانون واري وزير بهتر طريقي سان اسيمبلي ۾ به ٻڌايون آهن ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن پڻ ان تي جاندار ڳ??له?? ٻولهه ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ قرارداد اڳ ۾ ئي منظور ٿي چڪي آهي ۽ اميد آهي ته سڀاڻي هڪ ٻي قرارداد پڻ هائوس ۾ پيش ڪئي ويندي، ان بابت قانون وارو وزير هينئر اجلاس ۾ ڳ??له?? ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جو کلواڙ اڳ ۾ ڪڏهن ڏسڻ ۾ ناهي آيو، اهڙو ڀيانڪ منظر اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺو ويو، ان صورتحال ۾ روزانو قانوندانن سان مشاورت ٿي رهي آهي، ٽي رڪني بئنچ جنهن فل ڪورٽ جي گذارش کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جنهن چار ٽي جي فيصلي بابت ڪا ڳ??له?? نه ڪئي ۽ جنهن ججز جيڪي ريڪيوز ڪري چڪا هئا انهن بابت به ڪا ڳ??له?? نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته سياسي پارٽين کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا گذارش جي باوجود پارٽي بڻائڻ جي درخواست رد ڪئي وئي، اهي حالتون ۽ واقعا توهان جي سامهون اچي چڪا آهن پر ڪ??له?? ان ٽي رڪني بئنچ جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان موجب 10 اپريل تي حڪومت کي اليڪشن جي حوالي سان فنڊز مهيا ڪرڻا آهن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي 11 اپريل تي سپريم ڪورٽ ۾ فنڊز جي مڪمل يا جزوي ادائيگي جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪرڻي آهي جنهن جي تفصيلن ۾ آئون هينئر نه وڃي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته ٻي ڳ??له?? جيڪا ان ٽي رڪني بئنچ ڪئي آهي اها اها آهي ته 17 اپريل تائين پنجاب ۾ پوليس جي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻي آهي جڏهن ته وفاق کي فوج ۽ رينجرز جي جيڪا سيڪيورٽي مهيا ڪرڻي آهي ان حوالي سان 17 اپريل تائين حتمي رپورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر ذريعي پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي چونڊن جي حوالي سان فيصلي ۾ ٽي رڪني بئنچ چيو آهي ته ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪري سگهجي ٿو ۽ هاءِ ڪورٽ به وڃي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته ڪ??له?? ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تفصيل سان ڳ??له?? ٻولهه ڪئي وئي، قومي اسيمبلي ۾ به قانون واري وزير، خواجه سعد رفيق، شيري رحمان، مولانا اسعد محمود عمده ڳ??له??ون ڪيون، اڄ موجوده صورتحال تي سياسي قائدين جي مشاورت جي لاءِ هي اجلاس گهرايو ويو آهي ته جيئن اجتماعي سوچ جي عڪاسي ڪندي مشاورت سان ٺوس ف??صل?? ڪري سگهجن ۽ پوري قوم کي خبر هجي ته هي جيڪو قانون ۽ آئين سان سنگين مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ قوم جي قسمت جو فيصلو ٿيڻ وڃي رهيو آهي ان بابت حڪومتي ا??حا??ي پارٽين جي راءِ ٺوس شڪل ۾ سامهون اچي سگهي.