اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي) اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلز??ي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلز??ي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اڱاري جي رات اٽڪل 9 لڳي 47 منٽن تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلز??ي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلز??ي جا لوڏا اسلام آباد، آزاد ڪشمير، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به نقصان جو اطلاع ناهي مليو. قومي زلزله پيما مرڪز مطابق زلز??ي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش واري علائقي ۾ 180 ڪلوميٽر گهرائيءَ ۾ هو. جڏهن ته اسلام آباد ۾ زلز??ي جي شديد لوڏن کي نظر ۾ رکندي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي اسلام آباد جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. عملي ۽ اسپتال انتظا??يه ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيشگي قدمن کي يقيني بڻائين. صحت بابت وفاقي وزير اين ڊي ايم اي سان به رابطي ۾ آهي.