ڪراچي – 20 – مارچ (اي ??ي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي خي??رپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري شجاع عالم خان جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ قيادت سميت سڄي پارٽي اوهان سان گڏ آهي. هن مرحوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ پونئيرن جي صبر جميل جي دعا پ?? ڪئي.