اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (??ي ڊي بي) معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??اڪ??تان سان پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي، آءِ ايم ايف پروگرام تحت 9 هون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، ??اڪ??تان پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ??ي ڊي بي جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم ??اڪ??تان سان ??ي ڊي بي جي پراڻي وابستگي ۽ ??اڪ??تان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ قابل اعتماد حصيدار هجڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ ??ي ڊي بي جي فراخداڻي مدد کي ساراهيو، ان ۾ هنگامي امدادي گرانت، آفتن کانپوءِ جي ضرورتن جو اندازو ۽ جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ڪانفرنس دوران ڪيل واعدا شامل هئا. وزيراعظم ??اڪ??تان جي اهم اقتصادي شعبن خاص طور تي ٽرانسپورٽ، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ سماجي شعبي ۾ ??ي ڊي بي جي سيڙپڪاري کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ??ي ڊي بي ملڪ جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??اڪ??تان سان پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي. وفد کي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت ??ائُون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي جيڪو عملي جي سطح جي معاهدي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??اڪ??تان پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي وڏي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ حڪومت جي ڪوششن تي پنهنجي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ??اڪ??تان جي اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??ي ڊي بي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جي تجديد ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.