اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آه?? ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. خودمختياري جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ??ي وزيراعظم محمد ش??باز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري جو ڏينهن هر سال ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي طور تي ملهايو وڃي ٿو. اڄ جي ڏينهن 1949ع ۾ گڏيل قومن جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن هڪ قرارداد منظور ڪئي جيڪا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن، خودمختياري جو هق عالمي قانون جو بنيادي اصول آه?? جنهن کي عالمي انسني حقن جي تنظيمن پاران تسليم ڪيو وڃي ٿو. هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جي قانوني حق جي نشاندهي ڪري ٿي. وزيراعظ?? چيو ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آه?? ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام گذريل 75 سالن ۾ ان حق جو استعمال نه ڪري سگهي. ڀارتي حڪومت نه رڳو ڪشميرين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪيو آه?? پر هن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آه??. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان ڪشميرين تي ڏاڍ جي هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آه??. هن چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد مظلوم ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي حوالي سان عالمي برادري کي ان جي ذميواري ياد ڏيارڻ آه??. گڏيل قومن کي انهن واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي جيڪي هن 74 سال اڳ ڪيا هئا ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪري سگهي. وزيراعظ?? چيو ته هن ڏينهن آئون پاڪستان جي حڪومت جي ان عزم کي ورجايان ٿو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.