اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاليسين جي تسلسل کي پائيدار اقتصادي ترقي، صنعتڪاري جي فروغ ۽ غيرملڪي س??ڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ??رو??ي قرار ڏيندي چيو آهي ته واپاري برادري پاران ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي عمل ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ واپاري برادري کي س??ولتون فر??هم ڪرڻ ۽ انهن جي شڪايتن ۽ مسئلن کي ختم ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي س?? آئي) جي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گروپ ليڊر آر سي س?? آئي س??يل الطاف، صدر آر سي س?? آئي ثاقب رفيق، وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود باجوه ۽ ايف بي آر جي نمائندن ۽ واپاري برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڪاروباري عمل کي ٽيڪس وصولي کي وڌائڻ، ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۽ معيشت ۾ شفافيت جي لاءِ ??رو??ي قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس سان جي ڊي پي جو گهٽ تناسب ان جي قيام کانپوءِ کان ئي وڏو مسئلو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس نظام کي آسان بڻائي ۽ ٽيڪس جي نظام ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. هن واپارين کي وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪرڻ، جمع ٿيل ٽيڪس کي انصاف ۽ ديانتداري سان خرچ ڪرڻ، ڪرپشن ۽ چوري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته پاڪستان جي معيشت ڪيترن ئي اندروني ۽ ٻاهرئين عملن جي ڪري دٻاءُ جو شڪار آهي، سمورين ڌرين کي موجوده صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ ذميواري سان ڪم ڪرڻ ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ جي ??رو??ت آيه. هن 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم فر??هم ڪرڻ کانسواءِ نوجوانن جي مهارت جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ ۽ تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ حصيداري قائم ڪرڻ جي ??رو??ت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اها رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي پنهنجي آبادي جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن جي سارسنڀال ڪن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ هيٺاهين آئي آهي، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي داخلا کي وڌائڻ کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها عورتن کي ڪم واري جڳهه تي محفوظ ۽ دوستاڻو ماحول فر??هم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪاروبار ۽ صنعت ۾ انهن جي حصيداري کي وڌائين. هن عورتن ۽ معذور ماڻهن کي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان رڳو زباني ڳالهيون ڪرڻ بدران بنيادي معيار قائم ڪرڻ جي ??رو??ت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته معذور ماڻهن کي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي. ان کان اڳ صدر ريٽيل، مينوفيڪچرنگ، فارماسيوٽيڪل، ٽريول، ڪنسٽرڪشن، اسٽيل، پولٽري ۽ درآمدي شعبي س??يت مختلف شعبن ۾ بزنس ڪميونٽي جي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن ۾ آر سي س?? آئي ايوارڊز ورهايا.