اسلام آباد ??? 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم ??نير ملاقات ڪئي ۽ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي ۽ قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي ک??س مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي آرمي چيف بڻجڻ تي قوم خوش آهي، عوام ۽ فوج جي وچ ۾ اعت??اد ۽ محبت جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته توهان جهڙي قابل آفيسر جي قيادت اداري جي پيشيواراڻي ترقي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم ??نير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ جنرل سيد عاصم ??نير جي وزيراعظم اها پهرين ملاقات هئي.