اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) مصر ۾ رٿيل ڪوپ 27 جي هاڻوڪي سربراهه اجلاس ۾ موسمياتي انصاف لاءِ قيادت ڪرڻ ۽ ايجنڊا ۾ نقصانن کي شامل ڪرائڻ پاڪستان جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان امير مل??ن کان غريب مل??ن کي ان بحران جي ازالي ڪرڻ لاءِ مطالبي جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، جنهن بحران جو سبب هو نه آهي. آمريڪي رسالي فارن پاليسي پنهنجي هاڻوڪي مضمون ۾ چيو آهي ته پاڪستان گذريل هڪ ڏهاڪي کان موسمياتي تباهيءَ جو شڪار آهي، عالمي سطح تي ڪاربن جي نيڪال ۾ ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ان کي انتهائي ماحو??يا??ي تبديليءَ جو سڀ کان وڏو خطرو آهي. آسٽريلوي صحافي ۽ ڪالم نگار اوڊونيل لائيني جي لکيل مضمون ۾ چيو ويو آهي ته مون سون بارشن ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽيو حصو ٻوڙي ڇڏيو جنهن جي نتيجي 2 ۾ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي و??ا، فصل تباهه ٿي و??ا، لکين ماڻهو بي گهر ٿ??ا، جڏهن ته پاڪستان جي معيشت کي ٿيل نقصان جو ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. گذريل هفتي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديليءَ جي ڪانفرنس ڪوپ 27 ۾ وزيراعظم شهباز شر??ف جو خطاب جو حوالو ڏيندي مضمون نگار چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي انساني آفت جو شڪار آهي جنهن سان اسان جو ڪوبه تعلق ناهي. ڪوپ 27 جي وائيس چيئر طور وزيراعظم شهباز شريف ماحو??يا??ي تبديليءَ سبب ٿيل انهن نقصان جي ما??يا??ي طريقه ڪار تي زور ڀريو جيڪو اُسرندڙ مل??ن کي پابند ڪندو ته هو متاثرن مل??ن کي ماحو??يا??ي تبديلين جي اثرن جي ادائگيءَ ۾ مدد ڪري ۽ توانائيءَ کان محروم مل??ن کي ان جو حصو بڻجڻ کان روڪي ۽ کين توانائي جي صاف سٿري ذريعن جي منتقلي ۾ مدد فراهم ڪري. ڪوپ 27 ۾ اهو سوال ڇانيل رهيو ته امير ملڪ غريب ملڪن جي آبهوا جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪهڙيءَ طرح مدد ڪري سگهن ٿا. هاڻوڪي سربراهي اجلاس لاءِ تيار ڪيل هڪ رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته اُسرندڙ مل??ن کي تقريبن هڪ ٽريلين ڊالر ساليانو پرڏيهي موسمياتي فنانسن جي ضرورت هوندو.