اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شر??ف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذم?? ڪندي چيو آهي ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه ??ه هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شر??ف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيرا??ظم چيو ته هن وفاقي گهرو وزير کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيرا??ظم چيو ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي، وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي سيڪيورٽي ۽ جاچ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه ??ه هجڻ گهرجي.