اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليم کي انتهائي اهميت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته هو واضح قانونن کي لاڳو ڪرڻ، انهن جي سخت ۽ منصفاڻي لاڳو کي يقيني بڻائڻ سميت انصاف جي فراهمي ۽ خوداحتسابي کي فروغ ڏيڻ سان بدعنواني جي حوصلا شڪني ڪري سگهجي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هتي ايوان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئ??يجمينٽ اڪائونٽنٽس (آءِ سي ايم اي) جي ميم??رن جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ سي ايم اي پاڪستان جو صدر شهزاد احمد ملڪ ۽ اڪائونٽنگ اينڊ مالياتي شعبي جي ميم??رن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. صدر پيشيواراڻي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چي?? ته ادارن کي مهارت تي ٻڌل ۽ پيشيواراڻي تعليم جي لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن. هن چ??و ته گريجوئيٽس ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چ??و ته پاڪستان کي تربيت يافته انساني وسيلن ۽ پيشيواراڻي مانهن جي ضرورت آهي، جن ۾ ڪاسٽ ۽ مئ??يجمينٽ اڪائونٽنٽس به شامل آهن. ڊاڪٽر عارف علوي ادارن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ پيشيور ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ڪن. هن چ??و ته پيشيواراڻي ادارن کي وڌ کان وڌ گريجوئٽس پيدا ڪرڻ گهرجن. ڇو ته انڊسٽري ۽ مارڪيٽ ۾ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان ۾ ڪاسٽ اينڊ مئ??يجمينٽ اڪائونٽنٽس تيار ڪرڻ تي آءِ سي ايم اي کي ساراهيندي چي?? ته ڪرپشن ۽ ميرٽ جي پائمالي سان ادارن ۽ ملڪ ۾ ٻاڙائي پيدا ڪئي وئي. هن چ??و ته بدعنواني اولهه ملڪن ۾ به آهي. ڪورونا وائرس جي وبا دوران هڪ اولهه ملڪ ۾ ماڻهن جعلي دستاويزن تي اجرت جي دعويٰ ڪئي. هن چ??و ته مالياتي ڏوهن جو اصل سبب ڏوهارين سان اهلڪارن جي ملي ڀڳت آهي. هن ڪرپشن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته انصاف جي فراهمي ۽ خود احتسابي سان بدعنواني جي حوصلا شڪني جي راهه هموار ٿيندي. صدر مالياتي ۽ اڪائونٽنگ جي شعبي سان واڳيل ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي معيشت جي دستاويزن ۾ مدد فراهم ڪرڻ، چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي حوصلا شڪني، بدعنواني تي ضابطو آڻڻ ۽ حڪومت کي منصفاڻي ٽيڪس ۽ اوڳاڙيون پيدا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن. هن شاگردن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۽ ضرورتمند ماڻهن جي خدمت جو جذبو رکن. ان کان اڳ صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.