اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪينيا جي صدر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي ۽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي ??ير??انبداراڻي ۽ شفاف جاچ تي زور ڏنو. جڏهن ته ڪينيا جي صدر واقعي تي افسوس ڪندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ ميت جي واپسي جي عمل کي تيز بڻائڻ جي خاطري به ڪرائي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستاني قوم ۽ مي??يا برادري پاران واقعي تي شديد ڳڻتي کان ڪينيا جي صدر کي آگ??هه ڪيو. وزيراعظم مرحوم ارشد شريف جي ميت جي جلد واپسي لاءِ ضابطي جي ڪارروائي جلد مڪمل ڪ??ڻ جي درخواست ڪئي. بيان موجب ڪينيا جي صدر واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ڪينيا جي صدر واقعي جي جاچ رپورٽ جلد فراهم ڪرڻ ۽ مرحوم ارشد شريف جي ميت جي واپسي جي عمل کي تيز بڻائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.