اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سعودي ڊ??ول??مينٽ فنڊ جي التوا هيٺ سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي ڊ??ول??مينٽ فنڊ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. سعودي وفد جي قيادت سعودي ڊ??ول??مينٽ فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي الشمري ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سيڙ??ڪا??ي بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي عرب جي لاءِ سيڙ??ڪا??ي بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهازيب خان تي ٻڌل خصوصي ٽاسڪ فورس کي هدايت ڪئي ته هو سعودي وفد جي پاڪستان ۾ قيام دوران ئي سمورين ڌرين سان گڏجي مسئلن جو حل ڪڍي. وزيراعظم لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي هدايت ڪئي ته سعودي ڊ??ول??مينٽ فنڊ جي التوا هيٺ پيل سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سعودي عرب جي ماڻهن جي لاءِ ٻئي گهر جهڙو آهي ۽ پاڪستاني به سعودي عرب کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. وزيراعظم سعودي وفد کي پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙ??ڪا??ي ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته اسان جي حڪومت توانائي جي ان سستي ۽ صاف ذريعي کي فروغ ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿئي ۽ عوام کي سستي بجلي پڻ فراهم ڪري سگهجي. وزيراعظ?? چيو ته سعودي عرب سدائين داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظ?? چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب پاڪستان جي هر قسم جي مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿور?? مڃيا. وزيراعظ?? چيو ته سعودي عرب گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙ??ڪا??ي جي صورت ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.