اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جو جلد پتو لڳائڻ جي لاءِ عورتن ۾ پاڻمرادو معائني جي عادت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? کي بيمارين خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي علاج سان گڏوگڏ ان جي روڪٿام تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڻمرادو معائني جي ڪري جلد سُڃاڻپ ۽ علاج ممڪن آهي، ان بابت مڪمل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم 2022ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. تقريب کي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، سرجن جنرل آف پاڪ??تا?? ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر، صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي بريسٽ ڪينسر بابت ڪنٽري هيڊ پاليٿا مهيپالا پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سفارتي ۽ طبي برادري جا ميمبر، عورتون ۽ شاگرد پڻ موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته جيئن ته پاڪ??تا?? وٽ وسيلن جي کوٽ آهي، ان لاءِ پنهنجي پوري عورتن جي آبادي کي ميموگرافي ۽ اسڪريننگ جي سهولتون فراهم ڪرڻ آسان نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته عورتن ۾ گلٽي يا ٻين غيرمعمولي علامتن جي لاءِ پاڻمرادو معائنو ڪرڻ جي عادت وجهي ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جو شروعاتي مرحلي ۾ پتو لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي جلد تشخيص ۽ مناسب علاج سان مريضن ۾ زندهه رهڻ جا امڪان وڌي سگهن ٿا، شروعاتي مرحلن ۾ علاج جا امڪان 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ڪوويڊ 19 جي وبا ??ور??ن پاڪ??تا?? ڪاروبار ۽ مسجدن کي کليل رکندي ضروري احتياطي تدبيرن ۽ لاڳاپيل ايس او پيز کي اختيار ڪيو، جنهن جي ڪري وائرس تي ضابطو آندو ويو. هن چيو ته وبائي مرض جي موثر انتظام سان گڏوگڏ پوليو جي اتمي جي مهم جي اسباق کي ٻين بيمارين تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ نقل ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. صدر روزانو ٽاڪ شوز، ڊرامن ۽ فلمن جي ??ور??ن پيغام پهچائڻ ذريعي عورتن جي صحت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز، وڏي پئماني تي پيغام پهچائڻ جي ايپلي ڪ??شنز ۽ ڊيجيٽل ميديا تي اثر رکندڙ به ماڻهن ۾ آگاهي جو پيغام ڦهلائڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. هن ڪال ٽونز جي ذريعي پاڪ??تا?? ۾ لکين ماڻهن ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر بابت آگاهي ڦهلائڻ تي پاڪ??تا?? ٽيلي ڪ??يونيڪشن اٿارٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنين کي ساراهيو. صدر پاڪ??تا?? ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي ڦهلاءُ ۽ موت جي بلند شرح بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيوت ه ان جي مسلسل ڪوششن سان ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ عورتن ۾ ڪينسر جي پهرين مرحلي جي ڪ??سز جي تشخيص جي رجحان ۾ اضافو ٿيو آهي. صدر عارف علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته هن وزيراعظم، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ميڊيا کي پڻ خط لکيا آهن ته جيئن عروتن جي ان عظيم مقصد ۾ انهن جي تعاون جي درخواست ڪئي وڃي ۽ انهن کي آڪٽوبر ??ور??ن موزي بيماري بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ”پنڪ ربن“ مهم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. صدر عورتن ۽ ٻ??رن ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ جي وڌيڪ ڦهلاءُ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪ??تا?? ۾ 38 سيڪڙو ٻار غذائيت جي مسئلي جي ڪري اسٽنٽنگ جو شڪار آهن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ملڪ ۾ ٻ??رن کي ماءُ جو کير پيارڻ جو رواج گهٽ ٿي رهيو آهي، جنهن کي ٻ??رن ۾ غذائيت جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٻيهر زندهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او جي هدايتن موجب پيدائش کانپوءِ پهرين ڇهن مهينن ??ور??ن ٻ??رن کي خصوصي طور تي ماءُ جو کير پياريو وڃي ۽ پاڻي ۽ ٻئي کاڌي پيتي کان به پرهيز ڪيو وڃي. هن معذور ماڻهن جي حقن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته انهن کي مارڪيٽ جي قابل مهارتن سان ليس ڪري ۽ انهن کي معيشت جي مختلف شعبن ۾ نوڪريون ڏئي مالي طور تي بااختيار بڻايو وڃي. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي تقريب کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان جي چار سالا مسلسل ڪوششن جا نتيجا نڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن جون عورتون به ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي موذي بيماري کان آگاهه ٿي رهيون آهن. ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ شروعاتي مرحلي ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي ڪ??سز جي داخلا جو انگ اٽڪل ٻيڻو ٿي ويو آهي. بيگم ثمينه عارف علوي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪ??تا?? ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جا اٽڪل هڪ لک ڪيسز رپورٽ ٿيا ۽ هر سال اٽڪل 50 سيڪڙو عورتون ان جي علامتن بابت آگاهي نه هجڻ جي ڪري موت جي منهن ۾ هليون وڃن ٿيون. هن اسپتالن تي زور ڏنو ته پاڪ??تا?? ۾ موت جي بلند شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي شروعاتي مرحلن ۾ پتو لڳائڻ جي لاءِ مفت اسڪريننگ ڪئمپ لڳايا وڃن. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته عورتن کي ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي ڪري سماجي دٻاءُ ۽ بي پناهه جسما??ي ۽ ذهني دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن عورتن کي اخلاقي مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي مريضن ۽ زندهه بچي ويندڙن جي لاءِ سپورٽ گروپس قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن عورتن تي به زور ڏنو ته اهي پنهنجي صحت کي نظرانداز نه ڪن. بيگم ثمينه علوي ملڪ ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي ۽ جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن ٻڌايو ته هن سال سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي ”گلابي“ رنگ ۾ روشن نه ڪيو ويندو ۽ بچايل رقم ٻوڏ متاثرين کي انهن جي تڪليفن جي ازالي لاءِ عطيو ڪئي ويندي. ڊبليو ايڇ او جي ڪ??ٽري هيڊ ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪ??تا?? ۾ عورتن جي لاءِ خاتون اول جي ڪ??ششن کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ترقي يافته ملڪن ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي مريضن جي بقاءَ جي شرح اٽڪل 80 سيڪڙو آهي جنهن کي پاڪ??تا?? ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي جلد تشخيص ذريعي نقل ڪري سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي ڪري موت جي شرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڻمرادو معائنو، جلد تشخيص، طبي معائنو ۽ جلد علاج ڇاتي جي ڪ??نسر جي علاج جو بهترين طريقو آهي. سرجن جنرل آف پاڪ??تا?? ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر تقريب کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪ جي 50 سيڪڙو آبادي کي ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جو خطرو آهي. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ تشخيصي ۽ علاج جي سهولتن ۾ بهتري آئي آهي جڏهن ته هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي مرض جي جلد تشخيص لاءِ پاڻمرادو معائني جي عادت اختيار ڪن.