اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير چيو آهي ته اسان لاءِ سڀني کان وڏو چيلنج ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موجود 6 لک کان وڌيڪ ڳورهارين عورتن کي صحت جي سهولتن ??ي فراهمي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي جان بچائڻ آهي، متاثر علائقن ۾ هيلٿ ڪيمپس لڳايا پيا وڃن جتي ٽائيفائيڊ، چمڙي ۽ نمونيا سميت ڪيترن ئي بيمارين جو علاج جاري آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گلوبل فنڊ جي پاڪستان جي سينيئر منيجر ازسڪان سان ملاقات دوران ڪيو. پاڪستان ۾ گلوبل فنڊ جي صحت واري وزارت جي اختيارين سان ايندڙ ٽن سالن جي امداد بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي گلوبل فنڊ جي سينيئر منيجر ازسڪان چيو ته ڏکين حالتن باوجود وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ سند صحت جي حوالي سان قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته گلوبل فنڊ جي مدد سان پاڪستان جي صحت جي اختيارين ٽي بي، ايڊز، م??يريا ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان اڳتي پڻ پاڪستان جي حڪومت سان گڏجي صحت جا مسئلا حل ڪرڻ ??ي حوالي سان سمورا سمڪاني قدم کڻنداسين، م??اقات ۾ ڪامن ميڊيڪل يونٽ نيشنل ڪوآ??ڊي??يٽر مصطفيٰ جمال قاضي پڻ موجود هو.