اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ريف اڄ لنڊن کان آمريڪا پهچندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت کانپوءِ نيويارڪ پهچندو. نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وزيراعظم جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن اهم ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز ??ريف جي فرانس جي صدر ايمانوئيل مينخوان سان ملاقات ٿيندي. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز ??ريف جي آسٽريا جي چانسلر ۽ اسپين جي صدر سان پڻ ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم شهباز ??ريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز ??ريف گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين جي صدر ڪيو آهي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز ??ريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرستالينا جورجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپس سان ملاقات ٿيندي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کانسواءِ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان پڻ وزيراعظم شهباز ??ريف جي ٻطرفي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز ??ريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ملاقات ٿيندي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز ??ريف آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهباز ??ريف 21 سيپٽمبر تي ترڪيه جي صدر ۽ سندس گهرواريءَ جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. وزيراعظم شهباز ??ريف جي فن لينڊ جي صدر سعالي نوسيتو سان ملاقات ٿيندي. 22 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز ??ريف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز ??ريف جي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ، جاپان جي وزيراعظم فيوميو ڪاشيڊا، ليگزمبرگ جي وزيراعظم زيوئير بيٽل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز ??ريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان پڻ ملاقات ٿيندي. 23 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز ??ريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان پڻ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم دوري دوران ناليواري آمريڪي اخبار ۽ ميڊيا کي انٽرويوز پڻ ڏيندو.