اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي ??بديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي ??فت درپيش آهي، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪر?? گهرجي، ??ڄ هي صورتحال پاڪستان کي درپيش آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي ??بديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل پريس ٽاڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هو پاڪستان جي عوام جي لاءِ اجنبي نه آهي، پاڪستان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، هي منهنجي دل جي ويجهو آهي، اڄ کان 17 سال اڳ جڏهن هو گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جو سربراهه هو ته هن افغان پناهگيرن جي لاءِ هتي ڪم شروع ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گهٽ وسيلن جي باوجود 60 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. هن چيو ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪيو، دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن، ان دوران به هو پاڪستان آيو جڏهن سوات مان لکين ماڻهو دهشتگردي جي ڪري بي گهر ٿيا، تڏهن آئون هتي هئس. هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت تمام وڏو قدرتي ??انحو درپيش آهي، ايتري قدر وڏي ڪاٿي جي قدرتي ??فت ناهي ڏٺي، موسمياتي ??بديلين جي اثرن سان لکين پاڪستاني متاثر ٿيا آهن، ماڻهو بري حالت ۾ رهي رهيا آهن، انهن جا گهر، روزگار، فصلون ت??اه?? ٿي ويون آهن، انهن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان کي ان وڏي قدرتي ??فت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڏا وسيلا گهربل هوندا، 30 ارب ڊالر جو ان ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي، هي يڪجهتي ??و معاملو نه آهي پر انصاف جو معاملو آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي ??بديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ قدرتي ??فت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ??دارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو موسمياتي ??بديلين جي اثرن ۾ ڪو حصو نه آهي پر هو ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي ??بديلين کي روڪڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، موسمياتي ??بديلين سان جيتري قدر پاڪستان متاثر ٿيو آهي، دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پاڪستان پاران موسمياتي ??بديلين کان بچاءُ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن عالمي برادري ان جي معترف آهي، پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي ??بديلين جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالمي برادري ڀرپور تعاون ڪري. هن چيو ته اسان موسمياتي ??بديلين جي ڪري قدرتتي ??فتن جي دور ۾ رهي رهيا آهيون، اڄ اها صورتحال پاڪستان کي درپيش آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي ??بديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته عالمي برادري کي پاڪستان سان تعاون ڪر?? گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? گهرجي. هن چيو ته هو عالمي برادري کي هن مشڪل صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري تي ??ن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان پاران اهڙي وقت جڏهن پاڪستان تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ۽ قدرتي ??فت جو شڪار آهي، ان موقعي تي پاڪستان جو ان پاران پاڪستان جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جو پيغام آهي، هو اهل پاڪستان کي اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته هو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان جي دائره ڪار ۾ دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندو ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، ت??اه?? ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين ڪنداسين، بطور سيڪريٽري جنرل وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ۽ هاڻي اين ايف آر سي سي ۾ سندس ڳالهه ٻولهه مان لڳي ٿو ته هن پنهنجي سچي دل سان ڳالهه ڪئي آهي، ان جي ڳالهين مان لڳو ته هو هڪ درد دل رکندڙ پاڪستاني وانگر ڳالهائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ ملڪي سطح تي ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پ??ئي جي شفافيت سان استعمال جي خاطري ڪرائي ٿو.