اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن پاران امدادي اڏامن جي پاڪستان اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين 44 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي چڪيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنپهرن تائين ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ مجموعي طور تي گڏيل عرب امارات مان 16، ترڪيه مان 11، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 3، فر??نس ??ان هڪ، يونيسيف جون 2، گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جون 5 ۽ ترڪما??ست??ن مان هڪ اڏام پاڪستان پهچي وئي آهي.