دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم برساتن جي ن??ين سلسلي جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف قطر مان ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف جي قدمن جي نگر??ني ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم اين ڊي ايم اي سميت سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي گڏيل حصيداري سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب وزيرا??ظم چيو آهي ته برساتن جو مسلسل سلسلو ٻوڏ جي تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي. ٻوڏ سبب ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، انهن جي مدد اسان سڀني جو فرض آهي، قدرتي آفت جو شڪار علائقن ۾ بحالي هڪ تمام وڏو ڪم آهي، اهو گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. وزيرا??ظم اندرون ۽ ٻاهر??ين ملڪ پاڪستانين، سرندي وارن ادارن ۽ تنظيمن کي متاثرين جي مدد جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.