اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيدمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”جعلي خبرن جو رجحان“ جي حوالي سان خصوصي مڪالمو منعقد ڪيو ويو. مي??يا ماهر مسرور گيلاني جعلي خبرن ??ي منفي رجحان ??ي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن سان مي??يا ??ي مختلف شعبن، تربيتي ادارن سان گڏوگڏ سرڪاري آفيسرن جي وڏي انگ فائدو کنيو. مسرور گيلاني جعلي خبرن جي وجود بابت تفصيلي ڳالهائيندي غلط معلومات، غلط اطلاعات ۽ جعلي خبرن جي تعريف جي وضاحت ڪئي ۽ ان مسئلي کي ان جي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن جعلي خبرن جي رجحان کي نفسياتي، مالي ۽ سياسي محرڪات سان ڳنڍيو. هن چيو ته جديد ۽ ضروري اوزارن سان ليس خابرو ادارن ۽ مي??يا گذريل سالن ۾ حقيقتن جي ڇن??ڇاڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار ۽ نظام جوڙيو آهي ته جيئن حقيقتن تي ٻڌل خبرن جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. هنFactChecker, FactkCheck.org,Snopes واشنگٽن پوسٽ جي هفتيوار بلاگ، سينٽ پيٽرز برگ ٽائيمز مان PolitiFact.com ۽ PunditFact کي حقيقتن جي ڇن??ڇاڻ ڪندڙ ادارن طور حوالو ڏنو. هن چيو ته اي ايف پي، اي پي، رائٽرز، بي بي سي ۽ ٻيا خابرو ادارا باقاعدگي سان فيڪٽ چيڪ رپورٽس شايع ڪن ٿا. اهڙي طرح پاڪستاني اخبارون دي نيوز، ڊيلي ڊان، ايڪسپريس ٽربيون، ڊيلي پاڪستان ۽ ڪجهه ٽيليويزن چينلز به حقيقتن جي ڇن??ڇاڻ ڪري رپورٽون شايع ڪن ٿا يا انهن جي ويب سائيٽس تي حقيقتن جي ڇن??ڇاڻ جو سي??شن هوندو آهي. هن چيو ته تربيت هيٺ آفيسر انهن رپورٽس جو مطالعو ۽ انهن مان فائدو کڻي سگهن ٿا ته جيئن خبرن جي جائزي بابت انهن جي علم ۾ اضافو ٿي سگهي. بعد ۾ سوال ۽ جواب جو سيشن ٿيو جنهن دوران مسرور گيلاني سوشل مي??يا تي رپورٽس ۽ تصويري مواد جي حقيقت جي ڇن??ڇاڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽولز جي وضاحت ڪئي. سيشن جي پڄاڻي تي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي مهمان مقرر ۽ ٻين تربيتي ادارن جي شرڪت ڪندڙن کي سووينئرز پيش ڪيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ??ي مختلف ذيلي ادارن جي سينيئر آفيسرن به خصوصي مڪالمي ۾ شرڪت ڪئي.