سرينگر – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ ??ير واعظ عمر فاروق جي سرينگر ۾ گهر ۾ مسلسل غيرقانوني نظربندي کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب قابض فوجي ڀارتي انتظاميا ??ير واعظ کي نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 4 آگسٽ 2019ع تي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر پاران جاري هڪ بيان ۾ ??ير واعظ عمر فاروق کي زبردستي نظربند ڪرڻ جي غيرقانوني ۽ جابراڻي قدمن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن سان ان جي سڀني بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ت?? ائين لڳي ٿو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ کي ڪش??ير تڪرار جي حل لاءِ انهن جي پرامن ڪوششن جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيان ۾ ڀارتي حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ت?? اها سڀني ڪشميري سياسي نظربند?? کي آزاد ۽ ڪش??ير جي تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪري.