اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پوليو جي خاتمي لا??ِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي مهم هلائڻ ۽ خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن خاص طور اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ملڪ جي حساس ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، صوبائي چيف سيڪريٽريز، متاثر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو جي خاتمي واري مهم کي سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي هلائين ته جيئن ملڪ مان ان ناسور کي سدائين لا??ِ ختم ڪري سگهجي. هن ان سلسلي ۾ ڏکڻ خيبرپختونخوا جي ضلعن خاص طور تي اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم انهن ٻارن جي ويڪسينيشن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي جنهن کي ڪنهن سبب جي ڪري اڄ ??ائين ويڪسين نه لڳائي سگهي، هن عوام کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائن جي به هدايت ڪئي ته جيئن پوليو جي ڦهلاءُ کي سخ??ي سان رو??ي سگهجي. وزيراعظم پوليو جي پکيڙ کي روڪڻ لا??ِ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنرز کي پاڪستان جي قومي ڏينهن ??ي قومي هيروز طور پذيرائي ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون.