اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي اڄ اربع کان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دور?? ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وفاقي وزير ۽ اعليٰ سطحي وفد پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ هوندا. وزيراعظم عمران ??ان ۽ روس جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظم عمران ??ان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دور?? ڪندو. وزيراعظم عمران ??ان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلا??و فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم عمران ??ان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دور?? ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي.