اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر اداڪار م??عود اختر جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسعود اختر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مسعود اختر ڪيترين ئي فلمن، ڊرامن ۽ ٿيٽر پروڊڪشن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جا جوهرا ڏيکاريا. چوڌري فواد حسين وڌيڪ چيو ته ان جو پهريون ڊرامو ”پئسا بولتا هي“ 1970ع ۾ الحمرا ۾ پيش ٿيو. هن چيو ته فن ۽ شوبز جي لاءِ مر??وم جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مر??وم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فر??ائي.