اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو جنهن ۾ مظلوم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي ضمانت ڏني ??ئي آهي، والاريل ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو ناهي رهيو ۽ غيرقانوني طور تي والاريل علائقي کي پنهنجو حصو قرار ڏيڻ جي ڀارتي آئين کي به تسليم نه ڪيو. هو ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ پرڏيهي آفيس کان ڊي چوڪ تائين ريلي جي قيادت ڪرڻ کانپوءِ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، ڪشمير پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سميت وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، حريت اڳواڻ?? پڻ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ ميڊيا سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻه?? پڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ ۽ بينرز کڻي رکيا هئا جن ۾ والاريل ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موج?? خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو عزم ڪيو ويو هو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندي چي?? ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام ڀارتي قبضي کان آزادي حاصل ڪندي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خواهش موج?? خودمختياري جي حق جي حوالي سان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪري. هن چي?? ته آزادي جي صدائن کي دٻائڻ لاءِ ڀارتي قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ميڊيا جو بليڪ آئوٽ ڪري رکيو آهي ته جيئن ڪشميرين جي آزاد ۽ مسلسل ڀارتي ظلم کي بي نقاب ڪندڙ سمورن آوازن کي خاموش ڪرائي سگهجي. هن چي?? ته پاڪستان ۽ ڪشميري عوام جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي. جڏهن والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ ٿئي ٿو ته پاڪستان جي ماڻهن کي ڏک ٿئي ٿو. هن چي?? ته پاڪستان دنيا کي ڪشميري عوام سان ڪيل پنهنجي واعدن جي احترام جي ياد ڏياري ٿو. ڪشميرين جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چي?? ته قائداعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ ڪشميري عوام پنهنجو رت وهائي ان جو ثبوت ڏئي رهي آهي.