اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران با??ت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس، آئون چاهيان ٿو ته عالمي برادري ان مسئلي تي قدم وڌائي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ”افغان??ن جون حياتيون بچايو“ جو هيش ٽيگ به لڳايو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چي?? ته افغانستان ۾ انساني بحران با??ت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس. آئون چاهيندس ته عوام افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ ان انساني بحران با??ت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالمي قدمن ۾ ساٿ ڏي جنهن انساني بحران سان افغانستان ۾ لکين ماڻهو خاص طور تي ٻارن جي زندگين کي بک ۽ غربت جو خطرو آهي. گذريل ڇنڇر ڏينهن به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام کي فوري انساني ريليف فراهم ڪري، جنهن کي سخت غذائي کوٽ درپيش آهي. هن چي?? ته عالمي برادري جي لاءِ اهو فوري نوعيت جو معاملو آهي ۽ گڏيل قومن جي متفقه طور تي اختيار ڪيل پرنسپل آف ريسپانسبلٽي ٽو پروٽيڪٽ (پي آر 2 پي) تحت غذائي کوٽ جو شڪار لکين افغانين کي فوري انساني ريليف جي فراهمي انهن جي ذميواري آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ ڊيلي گارڊين ۾ ڇپجندڙ هڪ نيوز اسٽوري پڻ ٽيگ ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي برطانوي وزيراعظم گورڊن برائون جو لکيل هڪ آرٽيڪل آهي جنهن ۾ هن برطانوي فارن سيڪريٽري لزٽورس کي چي?? آهي ت?? هو افغانستان جي لاءِ ساڍا 4 ارب ڊالر جمع ڪرڻ جي لاءِ ڊونر ڪانفرنس گهرائي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خوراڪ جو فوري انتظام نه ڪيو ويو ته 2 ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چي?? ته برطانيا کي ان ڪم ۾ ليڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغان??ن جي امداد ڪري سگهجي. گڏيل قومن پاران سال 2022ع جي لاءِ پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي ساڍا چار ارب ڊالر جي اپيل ڪئي وئي آهي.