اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جسٽس عائشه ملڪ سپري?? ڪورٽ جي پهرين عورت جج جو حلف کڻي نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سندس مقرري سان مستقبل ۾ وڌيڪ عورت ججن جي پاڪستان جي عدل??ه ۾ مقرري جي راهه هموار ٿيندي.