اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول محفوظ ۽ سازگار آهي جنهن مان سعودي عرب جا سيڙپڪار فائدو ک??ي سگهن ٿا، ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اها ڳالهه هن سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد آل شيخ جي ??يادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن سنيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي ??ورغ ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ پارلياماني رابطن يج فروغ سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين مهمان کي افغانستان جي صورتهال ۽ اتي جي ??اڻهن کي بحران کان بچائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب ۽ ڪنگ سلمان رليف سينٽر پاران افغاني عوام جي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. سينيٽ چيئرم??ن چيو ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي ??دد ڪئي آهي جيڪا واکاڻ جوڳي آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ??چ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ تعاون جي ??روغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرم??ن چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي عوام پاڪستان سان دلي همدردي رکن ٿا، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين نئين پارلياماني سال جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سينيٽ چيئرمين کي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ وفدن جي ??ٽاسٽا سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سعودي مهمان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ سينيٽ چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيو.