اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ايئرپورٽ جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن ۽ وفدن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ور??و. سفير آفتاب کوکر پرڏيهي وزير کي ايئرپورٽ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ کنيل قد??ن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير اسٽيٽ لائونچ ۽ مهمانن جي آمد لاءِ ڪائونٽرز جو جائزو ور??و ۽ ا?? آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ معزز مهمانن جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو، پرڏيهي وزارت سول ايوي ايشن ۽ ا??ئرپورٽ جا سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.