اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي بئ??ڪ جي بئ??ڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي فراڊ سبب متاثر شهري کي 8 لک روپين جي رقم واپس ڪرڻ جو محتسب جو فيصلو برقرار رکيو آهي. تفصيلن موجب نويره (شڪايت ڪندڙ) ڪنهن مسلم ڪمرشل بئ??ڪ جي گلشن راوي برانچ لاهور ۾ اڪائونٽ هو، چار مختلف اي ٽي ا??م ٽرمينلز تي ا?? ٽي ا??م ڪارڊ جو استعمال ڪندي شڪايت ڪندڙ جي اڪائونٽ مان ڊيبٽ ٿيڻ کانپوءِ ان کي پنهنجا پئسا وڃائڻا پيا، هن دعويٰ ڪئي ته اها ٽرانزيڪشن غير مجاز هئي ڇو ته اها هن ناهي ڪئي ۽ اي ٽي ا??م ڪارڊ هن وٽ هو. هن اهو به ٻڌايو ته رقم جي اڪائونٽ مان نڪرڻ جي باري ۾ ڪو به ايس ايم ايس ناهي مليو سواءِ ان جي ته 24 -01 -2019ع تي مليل هڪ پيغام ۾ ان جي اڪائونٽ مان 200،000 روپيا ڪڍڻ جو اطلاع ڏنو ويو هو. ايس ايم ايس ملڻ تي هن بئ??ڪ ۾ شڪايت داخل ڪرائي، تنهن هوندي به کيس ڪو به رليف فراهم نه ڪيو ويو، ان کانپوءِ هن بئ??ڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو ته جيئن سندس اڪائونٽ مان دوکي سان ڪڍيل 800،000 روپين جي واپسي ٿي سگهي، بئ??ڪنگ محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته شڪايت ڪندڙ جي اضافي رابطا نمبر بئ??ڪ جي رڪارڊ ۾ اڪائونٽ هولڊر جي پاران ڪنهن ا??از?? کان سواءِ شامل ڪيا ويا هئا، ان لاءِ شڪايت ڪندڙ کي روڪ رقم ڪڍڻ جي ڏي وٺ بابت ايس ايم ايس ملي نه سگهيو، وڌيڪ بئ??ڪ پنهنجو پن ڪوڊ 21-01-2019ع تي ، ڏي وٺ صرف ٽي ڏينهن پهرين، هڪ جعل ساز طرفان فون ڪال موصول ٿيڻ بعد تبديل ڪيوو يو هو ڇو ته فون بئ??ڪنگ آفيسر ڪال ڪندڙ جي تحقيقات نه ڪئي هئي، بئ??ڪ ٻڌڻي دوران تسليم ڪيو ته ڪال ڪندڙ جي آواز عورت شڪايت ڪندڙ جي آواز کان مختلف هئي، وڌيڪ تاريخ ۽ وقت سان گڏ تڪرار ڏي وٺ جي قابل فهم سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ سنيپ شاٽس نظر اچي رهيا هئا ڇو ته بئ??ڪ کي ا?? ٽي ا??م ڪيسز/ ڪمرن ۾ ڪئميرا لڳائڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئ??ڪ آف پاڪستان جي هدايتن تي عملدرآمد ۾ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ويو هو ته جئين ثانوي ثبوت حاصل ڪري سگهجي. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته بئ??ڪ جي ذميداري آهي ته هو ٺوس معقول ثبوتن سان گڏ اهو ثابت ڪري وٺي ته ڏي وٺ شڪايت ڪندڙ جي ذري??ي ڪيو ويو هو يا ان جي مينڊيٽ تحت ڪنهن شخص ڪيو هو، ان جي لاءِ محتسب بئ??ڪ کي حڪم ڏنو ته هو شڪايت ڪندڙ جي اڪائونٽ ۾ 800،000 روپين جي رقم جمع ڪري نقصان کي پورو ڪري، بعد ۾ بئ??ڪ صدر مملڪت وٽ هڪ اپيل داخل ڪئي، جنهن کي هن اهو چوندي رد ڪري ڇڏيو ته بئ??ڪ پنهنجي قانوني ذميداري کي پورو ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي ۽ بئ??ڪنگ محتسب جي حڪمن کي رد ڪرڻ جو ڪو به جواز فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي رهي، هن قرار ڏنو ته قانون موجب بئ??ڪنگ محتسب جو ڪم بئ??ڪنگ جي بدعنواني، بدانتظامي، غلط ڪمن، دوکي سان ڏي وٺ بئ??ڪ عملدارن جي بدعنوان ۽ غير اخلاقي طريقن بابت شڪايتن جي ا??ڪوائري ڪرڻ آهي ۽ انڪوائري جي پڄاڻي تي مناسب حڪم جاري ڪرڻ آهي، صدر نجي بئ??ڪ جي ا??يل کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان معاملي ۾ بئ??ڪنگ محتسب جي موقف ۾ ڪا به خامي نه ڏٺي وئي.