اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ بهتر ۽ گهٽ لا??ت جي بنيادي ??انچي جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهيون، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ملڪ جي قيمتي مالي وسيلن جي بچت جي لاءِ معياري ۽ گهٽ لا??ت جا رس??ا تعمير ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ – کاريان راولپنڊي موٽروي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ??يو. اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين ۽ اع??يٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جو مقصد ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بهتر ۽ گهٽ لا??ت رس??ا تعمير ڪرڻ آهي، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي جي راولپنڊي تائين توسيع جو منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ان سان علائقي ۾ سامان ۽ خدمتن جي موثر چرپر کي يقيني بڻائي سگهبو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي نه رڳو وڌيڪ نوان رس??ا ٺاهي رهي آهي پر بهتر معيار ۽ گهٽ لا??ت جي رس??ن جي تعمير لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 1753 ڪلوميٽر جي نئين رس??ن جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. چئن ڦاڪن وارو رس??و 17 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان تعمير ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڳوڻي حڪومتن جي دورن ۾ اهو رس??و 37 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان تعمير ڪيو ويندو هو. تازو ئي شروع ٿيندڙ سيالڪوٽ – کاريان موٽروي اڳوڻي حڪومت پاران تعمير ڪئي ويندڙ سيالڪوٽ – لاهور موٽروي کان 10 ڪروڙ رپيا في ڪلوميٽر گهٽ لا??ت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لا??اپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ جي قيمتي مالي وسيلن کي بچائڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ ممڪن لا??ت تي معياري انفراسٽرڪچر جي تعمير جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.