اسلام ??با?? – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان س??ري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت انصاف جي فراهمي جي منشور تي قائم ٿي آهي، ڪو به معاشرو سماجي ۽ معاشي انصاف کي قائم ڪرڻ کانسواٰءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ هڪ بهترين قدم آهي سڀ کان بهترين نمونو جنهن جي پيروي ڪئي وڃي اهو نبي آخر الزام حضرت محمد ﷺ جي سيرت آهي ۽ موجوده تعليمي نصاب ۾ ان کي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن ايندڙ نسلن کي اس??ام جي اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ جي تربيت ڏئي سگهجي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اس??ام ??با?? ۾ مذهبي معاملن بابت عالمي ريسرچ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ”مس??م دنيا ۾ جمه??ري تبديلي، چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي اس??يڪر چيو ته پارليامينٽ مذهبي معاملن بابت ڪا به قانونسازي ڪرڻ کان پهرين اس??امڪ آئيڊيالاجي ڪائونسل کان ان تي راءِ وٺندي آهي، هن ان سلسلي ۾ اس??امڪ آئيڊيالوجي ڪائونسل جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي تخليق ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي نظرياتي جدوجهد جو نتيجو آهي،
هن چيو ته پاڪستان جي بانين علامه محمد اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي ملڪ جي لاءِ جدوجهد ڪئي جتي سڀني کي برابر حق حاصل هجن ۽ هر شخص پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذاري سگهي. هن چيو ته اس??ام امن، هم آهنگي ۽ برابري جو درس ڏي ٿو، انتهاپسندي ۽ امتيازي سلوڪ جي نفي ڪري ٿو، اولهندي دنيا ۾ اس??امو فوبيا جي چئلينج جو ذڪر ڪندي هن اس??ام جي امن جي پيغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته افغانستان اسان جو ڀائر اس??امي پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان سدائين هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جو خواهشمند رهيو آهي، هن چيو ته ضرورت جي ان وقت ۾ اسان پنهنجي افغان ڀائرن جي مدد جاري رکنداسين، ان کانپوءِ ڊپٽي اس??يڪر ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ به ورهايا.