لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي واري ا??ن جو خواب ڪڏهن پُورو نٿو ٿي سگهي. اها ڳالهه هن لنڊن ۾ ڪشمير سان تعلق رکندڙ مشهور ??رط??نوي پاڪستاني اڳواڻن سان ملاقات دوران چئي. پرڏييه وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ا??ساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي جائز حق ”خودمختياري واري حق“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر آواز بلند ڪرڻ جي حوالي سان ??رط??نوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رتي قابض فوج پاران جاري ا??ساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن سميت عالمي سطح تي کڻڻ جي حوالي سان پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٽر ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان تازو ئي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل هڪ ڊوزيئر جوڙيو آهي، ان ڊوزيئر ۾ ڀ??رتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا تفصيل شامل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته ??رط??نوي پارليامينٽ ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان ”مباحثي“ جو انعقاد خو?? آئنده آهي، ??رط??نوي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان مباحثي هڪ دفعو بيهر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رتي ظلمن کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ??رط??نوي پاڪستاني ڪميونٽي، هٿين خالي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي منظر عام تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري قيادت کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد، جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. دنيا کي ا??و ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته جيستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي ا??نگن موجب منصفاڻي طور تي حل نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي ا??ن جو خواب ڪڏهن شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي.