اسلام آباد/ ني??يارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير مخدوم ??اهه محمود قريشي چيو آهي ته اف??انين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان اف??انستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي، ذميدارڻي طرز عمل طالبان جي پ??هنجي مفاد ۾ آهي، هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هن اسان جي خلاف اف??ان سرزمين کي استعمال ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ني??يارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ملاقات ڪري رهيو هو. هن چيو ته اف??انستان جي صورتحال بدلجي رهي آهي، عالمي برادري کي طالبان مان ڪجهه اميدون آهن جڏهن ته ڪجهه ڌُرين جو خيال آهي ته طالبان جي موجوده قيادت اجتماعيت جي حامل نه آهي، پر منهنجي ڄاڻ موجب هاڻي اف??انستان ۾ طالبان قيادت، وسعت پذير ٿي رهي آهي ان ۾ اف??انستان جي ٻين ??وميتن کي به شامل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آمريڪي قيادت موجب اف??انستان ۾ انهن جو مشن مڪمل ٿي چڪو آهي، هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ اف??انستان مان غير ملڪي فوج جو نڪرڻ درست فيصلو هو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هندستان اسان جي خلاف اف??ان سرزمين کي استعمال ڪيو. جنهن جي ناقابل ترديد ثبوت اسان دنيا جي سامهون رکيا. انساني حقن جي پاسداري کي امتيازي نه ٿيڻ گهرجي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، ڀارت اسان جي امن خواهش ۾، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفا قدم کڻي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ۽ پيچيده بڻايو. پرڏيهي وزير چيو ته اف??انين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان اف??انستن کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي، عالمي برادري کي ان نازڪ تاريخي موڙ تي اف??انين کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪابل مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي ۽ شهرين جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي پر بدقسمتي سان پاڪستان جي مثبت ڪوششن جو قدر نه ڪيو ويو.