بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بهاولپور جي دوري جي موقعي تي اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ سميت مختلف منصوبن جو افت??اح ڪيو. وزيراعظم يونيورسٽي ۾ عالمي م??يا?? جي تدريسي سهولتن سان ليس نرسنگ ڪاليج جو افت??اح ڪيو، نرسنگ ڪاليج نه رڳو خطي ۾ نرسنگ جي حوالي سان موجود افرادي قوت جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مددگار ثا??ت ٿيندو پر ڏکڻ پنجاب جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثا??ت ٿيندو. وزيراعظم ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ قائم ڪيل اسلاميه يونيورسٽي جي بغداد الجديد ڪئمپس ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افت??اح پڻ ڪيو. وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 2.5 ميگاواٽ جي سولر منصوبي جو پڻ افت??اح ڪيو. منصوبو نه رڳو يونيورسٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر ان سان ملندڙ اضافي بجلي ميپڪو کي فراهم ڪئي ويندي، منصوبي سان حاصل ٿيندڙ بجلي جو يونٽ رڳو 1.7 رپين ۾ ميسر ايندو ۽ 25 سالن جي مدي ۾ اهو منصوبو مجموعي طور تي قومي ناڻي کي 45 ڪروڙ 50 لک رپين جو فائدو پهچائيندو، اهو نه رڳو ٻين ادارن جي لاءِ مشعل راهه هوندو پر يونيورسٽي ۾ شاگردن کي عملي تعليم ۽ مشاهدي جو موقعو پڻ فراهم ڪندو. بهاولپور ڊويزن ۾ ڪپهه جي فصل جي اهميت جي ڏس ۾ وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ جو پڻ افت??اح ڪيو. ادارو ڪپهه جي فصل ۾ گهٽ وسيلن سان وڌيڪ پيداوار تي تحقيق ذريعي ڪپهه جي پ??کي??َ ۾ جدت آڻي رهيو آهي. تحقيق ٿيل قسمن ۾ هيستائين 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي، 50 سيڪڙو گهٽ جيت مار دوائن جي استعمال، 35 سيڪڙو گهٽ مجموعي لاڳت سان پيداوار ۾ 20 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي 40 سيڪڙو گهٽ لاڳت سان 30 سيڪڙو پيداوار ۾ اضافي تائين آڻڻ جي لاءِ ڪم جاري آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم انٽر ڪراپنگ ريسرچ سينٽر جو پڻ افت??اح ڪيو جتي شروعاتي طور تي اسٽرپ انٽر ڪراپنگ جي ذريعي سويابين ۽ مڪئي جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تحقيق ڪئي پئي وڃي. ڄاڻايل ٽيڪنيڪ مڪئي جي پ??کي??َ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ سويابين جي پيداوار ۾ اضافي ۾ مددگار ثا??ت ٿيندي. سويابين جي پيداوار ۾ اضافي سان آبادگارن جي آمدني ۾ اضافي، آمدني واپار ۾ گهٽتائي ۽ کاڄرو تيل ۾ پاڪستان ڪافي حد تائين پاڻڀرو ٿي سگهندو.