حيدرآباد –; 19 جون (اي پي پي) ضلعي انتظاميا حيدرآباد ??اران حيدرآباد ڪلب قاسم آباد ۾ هڪ ڏينهن وارو ورچوئل مينگو شو منعقد ڪيو ويو. مينگو شو ۾ 20 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا جتي سنڌڙي، سنهري، سونارو، لال بادشاهه، بيگن پالي، زافران، انور رٽول ، آبوسي، زردالو، پتاشو، رتم گولو، ڪاروديسي، جامن، انوکا سردا، لنگڙو، دسهري کان علاوه 100 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا انب نم??ئش ۾ رکيا ويا. واضح رهي ته ڊ??ٽي ڪمشنر حيدرآباد ??واد غفار سومرو جي فيس بڪ پيج تان پڻ مينگو شو سڌو سنئون ڏسڻ لاءِ انتظام ڪيو ويو هو. ورچوئل مينگو شو دوران آن لائن خصوصي طور خطاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ??حمد عباس بلوچ ضلعي انتظاميا حيدرآباد جي سٿ ک?? بهترين مينگو شو منعقد ڪرڻ تي سندن واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته مينگو شو منعقد ڪرڻ جو مقصد انبن جي مختلف قسمن کي متعارف ڪرائڻ آهي ۽ موجوده ڪورونا جي وبائي صورتحال جي ڪري ورچوئل پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي ته جيئن روايت کي برقرار رکي سگهجي ۽ انبن جي مختلف قسمن کي متعارف ڪرائي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي.