اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي پاڪستان جي ڏورانهن عل??ئقن جي آبادي کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ٽيلي ميڊيسن ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ هيلٿ پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آه??، مصنوعي ذهانت جي استعمال سان ڊيٽا جي تجزئي ۽ وبائي بيمارين جي اڳڪٿي ڪري سگهبي. هو پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ خدمتن جي فراهمي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وز??راعظم جو نيشنل هيلٿ سروس، ??يگ??ليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت خاص مددگار ڊا??ٽر فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر خواجه، ڪنسلٽنٽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تانيه ايدرس، ڊائري??ٽر جنرل هيلٿ ڊا??ٽر رانا محمد صفدر، ڊائري??ٽر جنرل اين آءِ ٽي بي فيصل اقبال ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروس، ??يگ??ليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران ٽيلي هيلٿ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ سروسز جي فروغ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون.