اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ افغانستان جي سفير نجيب ال??ه علي خيل ملاقات ڪئي ڪنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ افغان حڪومت ۽ عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت افغانستان سان وسيع ال??بياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پاڪستان جي خواهش آهي ته سي پيڪ من??وبي مان افغانستان فائدو حاصل ڪري، سي پيڪ من??وبو خطي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر من??وبو ثابت ٿيندو. جاگرافيائي اعتبار سان افغانستان وچ ايشيا جي لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪ افعان واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ قومي اسيمبلي پاڪ – افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي جوڙيل سفارشن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، افغان شاگردن ۽ مريضن جي لاءِ وي??ه پاليسي ۾ نرمي سان افغان عوام پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهندي، افغان واپارين لاءِ ڊگهي مدي واري وي??ا جاري ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو.