سوهاوه – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، دنيا جي تاريخ کڻي ڏسو اخلاقي قدرن جي زور تي قومن عروج حاصل ڪيو ۽ اخلاقي نظام تباهه ٿيڻ تي اهو معاشرو تباهه ٿيو، ال??ادر يونيورسٽي نوجوان نسل لاءِ رول ماڊل بڻجندي، اسلام جي نالي تي حاصل ڪيل ملڪ ۽ اقبال جي خواب جي حامل قيادت هتان کان نڪرندي، اول??ه ۾ اسان کان وڌيڪ چڱايون آهن، اتي ادارا مض??وط آهن، انهن جا اخلاق بهتر آهن، اتي سچائي آهي پر خانداني نظام ۽ مذهب کان دوري انهن جي تباهي جا سبب آهن،علم اسان کي انسان جي ڪردارسازي ۽ انسان ۽ جانور ۾ فرق ٻڌائيندو آهي، انهن جي پا??ليامينٽ ۾ ضمير وڪرو ڪرڻ جو تصور به نه آهي. اهڙو اظهار وزيراعظم عمران خان سيرت ال??بي ﷺ ۽ صوفي سڳورن جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ٿيندڙ ال??ادر يونيورسٽي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ال??ادر يونيورسٽي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو ۽ يونيورسٽي جي قيام ۾ اڳڀرائي جو جائزو به ورتو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??ه ساڻس گڏ هو. وزيراعظم عمران خان پا??ليامينٽ جي ميمبرن، دانشورن ۽ اسلامي بئنڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم جي اهميت ملڪي ۽ معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي. جهڙي طرح تازي سينيٽ ال??ڪشن ٿي ان ۾ قوم جي سامهون خريد ۽ وڪرو ٿيو ۽ مال پڙي لڳي، انصاف جي نظام به ان تي خاموشي اختيار ڪري رکي، ان لاءِ ال??ادر يونيورستٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جئين هڪ اهڙي درسگاهه موجود هجي جيڪو انسان ۽ جانور ۾ فرق ٻڌائي، انسان کي ال??ه تعاليٰ اشرف ال??خلوقات پيدا ڪيو ۽ فرشتن کي حڪم ڪيو ته ان جي سامهون سجده ڪري. هن چيو ته مولانا رومي چيو هو ته جڏهن ال??ه انسان کي پک ڏنا آهن ته پوءِ ڇو ماڪوڙين وانگر هلن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، جانور ۽ انسان جي وچ ۾ سڃاڻپ صرف علم جي ڪري هوندي آهي، اسان جو دين ??نساني زندگي ۾ تبديلي کڻي اچي ٿو. هن مصر ۾ هڪ اسڪالر جو حوالو ڏيندي چيو ته هو يورپ جي دوري کان مصر واپس آيو ته ان چيو ته يورپ ۾ اسلام ته نظر آيو پر ڪو مسلمان نظر نه آيو جڏهن ان جي مقابلي ۾ مصر ۾ مسلمان ته ڪيترائي نظر اچن ٿا پر اسلام نظر نٿو اچي. وزيراعظم چيو ته ال??ادر يونيورسٽي جو مقصد دين کي اسان جي زندگين ??ان برابري پيدا ڪرڻ آهي، ال??ادر يونيورسٽي کي مصر جي الازهر يونيورسٽي وانگر اعليٰ ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا، نوجوان نسل لاءِ ال??ادر يونيورسٽي رول ماڊل بڻجندي.