اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن (پي ??ي وي) کي نجڪاري جي فهرست مان ڪڍڻ جي لاءِ نجڪاري ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي، پي ??ي وي جي ري اسٽرڪچرنگ ڪندڙ ڪمپني جلد پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، پي ??ي وي جو نئون بورڊ به ايندڙ هفتي جوڙيو ويندو. صحافين کي بريفن?? دوران هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ت?? وزيراعظم جي ادارن ۾ سڌارن واري پروگر??م تحت مختلف ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو ويو جڏهن پي ??ي وي جي نجڪاري جي چٺي ملي ته ان جو جواب موڪليو ت?? پي ??ي وي جي نجڪاري ناهي ڪرڻي ان کي فهرست مان ڪڍيو وڃي.