گڏيل قومون – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته پ??ڪس??ان جي حڪومت حياتياتي اوسر جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جهنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ مقامي آبادي جو تعاون حاصل آهي، پ??ڪس??ان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي ان لاءِ حڪومت بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو و??و آهي. گڏيل قومن ۾ حياتياتي اوسر بابت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان بايوڊائيورسٽي ليڊر ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم پ??ڪس??ان عمران خان بائيو ڊائيورسٽي ليڊر سمٽ جو اهتمام ڪرڻ تي گڏيل قومن سان ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان جو شمار انهن خوش قسمت ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي اتر ک??ن ڏکڻ ۽ اوڀر ک??ن اولهه تائين متنوع آهي، پ??ڪس??ان ۾ 12 موسمياتي زونز آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ لاهين وارا علائقا موجود آهي، پ??ڪس??ان جي اتر ۾ بلند ترين جابلو سلسلو واقعي آهي جڏهن ته دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو هتي واقع آهي، ان کانسواءِ هتي 2 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل ساحلي پٽي به موجود آهي.