اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي ??سي??بلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصا??ي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. قومي ??سي??بلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سفير ڪنوري مستسودا سان ملاقا?? دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتح??ل ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ اقتصا??ي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۾ زراعت، م??دنيات، سياحت، م??هيگيري، تعميرات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. موجوده حڪومت پاڪستان ۾ هائوسنگ شعبي ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏئي رهي آهي، ان شعبي ۾ جاپان جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن.