اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چمن ڌماڪي جي سخت مذ??ت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. اطلاعات واري وزير چي?? ته شرپسند عنصر بلوچستان جي ترقي ۽ استحڪام جا مخالف آهن. هن متاثر ماڻهن ج?? پونئيرن سان دلي همدردي جو پڻ اظهار ڪيو.