اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته منهنجي ڪنهن سان دشمني نه آهي، ??ه ڪنهن کان بدلو وٺڻ چاهيان ٿو، جيستائين ليڊرشپ جو احتساب نه ٿيندو ملڪ اڳتي نٿو وڌ?? سگهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ وڌ??دڙ فرق ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير جو مسئلو پوائنٽ آف نوريٽرن تي پهچي وي?? آهي، ميرٽ ۽ ليڊرشپ جو احتساب جمهوريت جو بنيادي اصول آهي، ملڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ احتساب جو عمل نه هليو ته اسان اڳتي نه وڌ?? سگهنداسين. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ سيشن دوران پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسي، معيشت جي صورتحال، پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.