اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن، انهن جي حوصلا افزائي نئين پاڪستان جو ويزن آهي، اسٽارٽ اپس پروگرام نوجوانن جي آئيڊياز کي عملي شڪل ڏيڻ جي لا??ِ اهم قدم آهي، جن معاشرن ۾ نئين تصورن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي اهي ئي ترقي ڪن ٿا، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي ذهني آزادي ڏيڻي آهي، موجوده حڪومت انهن کي مڪمل تعاون ۽ سرپرستي مهيا ڪن??ي، اسان پاڪستان کي اهو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جيڪو 60ع جي ڏهاڪي ۾ بڻجڻ و??ي رهيو هو، انشاءَ الله پاڪستان پوري خطي جي قيادت ڪن??و. هو انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ??مي??نيڪشن واري وزارت جي اهتمام هيٺ اڪنائٽ جي نيشنل انڪيوبيشن سينٽرز اسٽارٽ اپس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.