اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير جي بهادر ۽ ثابت قدم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جن ظلم ۽ ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري جي حق جي لاءِ 7 ڏ??اڪن کان جاري جدوجهد ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آه??، 5 آگسٽ جي ڀارتي غيرقانوني ڪاررواين والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۽ پاڪستاني عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، پاڪستان هر فورم تي ڄمون ۽ ڪ??مير جو م??ئل?? اٿاريندو رهندو، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ ??ائين ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.