اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسڪائوٽ معاشري ۾ هيٺئين سطح تي شهري ??ميوارين جو احساس پيدا ڪري ??بديلي جا محرڪ بڻجي سگهن ٿا، ڪيترين ئي قومن قوت، علم، ڏاهپ ۽ بلند ڪردار سان پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي، اڄ اسان کي انهن ئي اصولن تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 16هين چيف اسڪائوٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حل?? کڻائڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. حلف بردا??ي جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي.