سيالڪوٽ – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طل??عات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سن?? حڪومت ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي، وزيراعظم سنڌ کي 4 لک ٽن ڪڻڪ جي ??راهمي جي ??دايت ڪئي آهي جنهن ۾ سن?? حڪومت هيستائين رڳو هڪ ٽن ڪڻڪ کنئي آهي ۽ سن?? حڪومت ڪڻڪ کي اٽي ملز تائين فراهمي ۾ ناڪام رهي آهي، سن?? حڪومت کي صوبي ۾ ڪڻڪ جي سپلاءِ جي عمل کي تيز ڪرڻ گهرجي. سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.